عبدالغني چوڪ

عبدالغني چوڪ: ٺٽي شهر جو هڪ چوڪ. جنهن لاءِ پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته، هي عبدالغني ڪير هو، جنهن جي نالي تي اهو چوڪ مشهور ٿيو، ان جي وضاحت تاريخ ۾ ڪٿي به ناهي ٿيل. عبدالغني چوڪ، ٺٽي جي مشهور چوڪن مان هو. جامع شاهجهاني مسجد جي پٺيان اترئين ۽ اولهائين ڪنڊ ۾ رستي تي جيڪا ننڍي مسجد امير خانيءَ جي نالي سان موجود آهي، سا ان زماني ۾ ملڪ مَانُ چوڪ ۽ عبدالغني چوڪ جي وچ ۾ هوندي هئي ۽ جتي مسجد آهي ان کي ‘ڀائي خان جو محلو’ ڪري سڏبو هو.


لفظ عبدالغني چوڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو